پاڪ ايران فورس جون گڏيل پيٽرولنگ واريون خبرون غلط آهن: ڊي جي آءِ ايس پي آر

news

راولپنڊي: (سومر 09 ڊسمبر 2019ع) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته ڊان اخبار ۾ پاڪ ايران بارڊر تي گڏيل پيٽرولنگ جي حوالي سان ڇپجندڙ خبر بي بنياد ۽ غلط آهي اهڙين خبرن ۾ ڪابه سچائي ناهي. 

تفصيل موجب پاڪ ايران سرحد تي ٻنهي فوجن جي گڏيل پيٽرولنگ جي خبر بابت پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور سختي سان ترديد ڪندي ان کي بي بنياد ۽ حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏنو آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ڊان اخبار ۾ پاڪ ايران بارڊر تي گڏيل پيٽرولنگ جي حوالي سان ڇپجندڙ خبر بالڪل غلط آهي ۽ اهڙين خبرن ۾ ڪابه سچائي ناهي.

ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته پاڪ ايران سرحد تي ٻنهي ملڪن جي فورس طرفان ڪنهن به قسم جي گڏيل پيٽرولنگ ناهي ٿي رهي.

هن اهو به واضح ڪيو ته گڏيل آپريشنز جي ضرورت پئي ته ٻئي فوجون پنهنجي علائقن ۾ پيٽرولنگ ۽ آپريشن پاڻ ڪنديون.