ڪيلي جي آرٽ پيس تي مهوش حيات جون دلچسپ ڳالهيون، پنهنجي آئيديا پيش ڪري ڇڏي

news

ڪراچي: (سومر 09 ڊسمبر 2019ع) ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي رياست فلوريڊا جي هڪ آرٽ گيلري ۾ ڀت تي ٽيپ سان چنبڙايل ڪيلو سڀني جي ڌيان جو مرڪز بڻيل  آهي.

اهو فن پارو هڪ اطالوي ڪاميڊين ۽ آرٽسٽ ماريزيو ڪيٽيلان جو هو جيڪو ميامي آرٽ بيزل ۾ هڪ لک 20 هزار آمريڪي ڊالرن ۾ وڪرو ٿيو هو. آرٽسٽ ماريزيو جي هي  ڪليڪشن 3 ايڊيشنن تي بڌل هئي جنهن ۾ 2 ايڊيشن وڪرو ٿي چڪا آهن جڏهن ته ان جي ايڊيشن جو هڪ پيس بچيل آهي. ۽ اهو پيس 1 لک 50 هزار ڊالرن ۾ وڪرو ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. جنهن کان پوءِ ڊيوڊ دتونا نالي شخص آرٽ گيلري ۾ موجود لکين روپين جي ماليت جو ڀت سان چنبڙيل ڪيلو لاهي کاڌو هو جنهن تي اتي موجود سڀ ماڻهو حيران ٿي ويا هئا.

سوشل ميڊيا تي جتي ان ڪيلي جي لاءِ بحث جاري آهي اتي  ئي پاڪستان جي مشهور اداڪاره مهوش حيات به ڪروڙين روپين جي ماليت جي ڪيلي جي آرٽ پيس تي  دلچسپ ڳالهيون ڪيون آهن. اداڪاره مهوش حيات دلچسپ خبر تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪندي مائڪرو بلاگنگ سائٽ ٽوئٽر تي دلچسپ تبصرو ڪندي چيو آهي ته  مان پاڻ آرٽ سان  محبت ڪندڙن مان هڪ آهيان پر  مان ڪجهه اهڙيون شيون سمجهڻ کان قاصر آهيان جنهن کي اڃڪلهه آرٽ سمجهيو پيو وڃي.

مهوش حيات دلچسپ انداز ۾ چيو ته دراصل مان به هڪ آرٽسٽ بنجڻ جي باري ۾ سوچي رهي آهيان ۽ هڪ ڪريلي کي ڀت سان چنبڙائڻ جي باري ۾ به سوچي رهي آهيان. نشان امتياز حاصل ڪندڙ اداڪاره مهوش حيات لکيو آهي ته جيڪڏهن هڪ  ڪيلو ڪروڙين روپين ۾ وڪرو ٿي سگهي ٿو ته ڪريلو  ڀت سان چنبڙائڻ جا حيرت ۾ وجهندڙ فائدا ملي سگهن ٿا. مهوش حيات جي ٽوئٽ تي صارفين به مليل جليل انداز ۾  تبصرا شروع ڪري ڇڏيا آهن.