لاڙڪاڻي ۾ ڀاڻيجي هٿان سڳو مامو قتل، جوابدار گرفتار

news

لاڙڪاڻو : لاڙڪاڻي شهر جي ڪنگا ٿاڻي جي حد نور ڪالوني واري علائقي ۾ جوابدار ڀاڻيجي پنهنجي سڳي مامي سڄڻ مل اوڏ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي جوابدار درشن اوڏ کي پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو آهي بعد ۾ پوليس موبائيل ذريعي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال آندو ويو.

جڏهن ته مقتول جي رشتيدار رانجهن اوڏ ٻڌايو ته جوابدار ظلم ڪيو آهي بغير سبب جوابدار پنهنجي مامي کي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي سڄڻ مل استاد سان گڏ سماجي ورڪر به هو کيس ٻن پٽن هڪ نياڻي جي اولاد آهي سبب معلوم ناهي ته جوابدار اهڙو قهر ڇو ڪيو آهي.

ٻئي پاسي حد جي ڪنگا ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي اطلاع ملڻ سان ئي واقعي واري هنڌ پهچي جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي ۽ پوليس کي ٻڌايو ويو آهي ته جوابدار پلاٽ جي معاملي تان مامي کي قتل ڪيو آهي وڌيڪ واقعي جي جاچ ڪيون پيا.