استنبول ۾ پرڏيهي وزير جي ترڪ صدر ۽ ايلس ويز سان ملاقات

news

استنبول: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ترڪي ۾ آمريڪي نائب معاون پرڏيهي وزير ايلس ويلز ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪئي آهي.

رپورٽ موجب شاهه محمود قريشي ۽ آمريڪي نائب معاون پرڏيهي وزير جي وچ ۾ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ٻه طرفي واپار سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ٻئي طرف  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس جي دوران ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان به ملاقات ڪئي. ان ملاقات جي دوران ٻه طرفا تعلقات ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

شاهه محمود قريشي ترڪ صدر رجب طيب اردوان کي پاڪستاني قيادت جي طرفان خيرسگالي جو پيغام پهچايو. پرڏيهي وزير هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس جي انعقاد، ڀرپور ميزباني ۽ آڌر ڀاءُ تي ترڪ صدر رجب طيب اردوان جو خصوصي شڪريو ادا ڪيو.