جج وڊيو ڪيس: سپريم ڪورٽ نوازشريف جي نظرثاني واري درخواست اڪلائي ڇڏي

news

اسلام آباد: (اڱارو 10 ڊسمبر 2019ع) سپريم ڪورٽ جج ارشد ملڪ ڪيس ۾ نوازشريف جي نظرثاني واري درخواست اُڪلائي ڇڏي. چيف جسٽس پاڪستان آصف سعيد کوسه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ جج ارشد ملڪ وڊيو اسڪينڊل نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

چيف جسٽس چيو آهي ته عدالت معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تي ڇڏيو آهي فيصلي ۾  لکيل آهي ته اسان جي مداخلت جي ڪابه گنجائش ناهي. قانون ڄاڻي ۽ ان جو ڪم. درخواست ڏيندڙ نوازشريف جي وڪيل خواجه حارث چيو ته ڏسڻو اهو آهي ته پريس ڪانفرنس ۾ عدليه کي نقصان پهتو آهي يا نه.

جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته  اسان ڪيئن اهو مڃيون ته عدليه کي نقصان پهتو.؟ خواجه صاحب جيڪي نظرثاني ۾ ڳالهيون ڪيون آهن اهي عدالت پهريان ئي مڃي چڪي آهي. عدالت کان اوهان جيڪو گهري رهيا آهيو اسان پهريان ئي ڏئي چڪا آهيون. جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اوهان جو حق متاثر نه ٿئي ته پهرين ڳالهه ٻيهر لکي ٿا ڇڏيون.

چيف جسٽس چيو ته  مختلف ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن ته هاءِ ڪورٽ جا هٿ ٻڌا ويا آهن. اهي ڳالهيون تڏهن ٿينديون آهن جڏهن فيصلا پڙهڻ  کان سواءِ ئي مختلف ڳالهيون شروع ٿي وڃن.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وڊيو اسڪينڊل تي پنهنجو فيصلو ڪرڻ ۾ مڪمل آزاد آهي ۽  پنهنجو رستو پاڻ ڳولي. جج ڪنهن سان به ناانصافي ناهن ڪندا. جيڪو  به فيصلو هوندو ميرٽ تي ٿيندو جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ نوازشريف جي نظرثاني واري درخواست اُڪلائي ڇڏي.