انساني حقن جو عالمي ڏينهن: سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري اڄ ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهن

news

سري نگر: (اڱارو 10 ڊسمبر 2019ع)  سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري اڄ انساني حقن جي عالمي ڏينهن کي ڪارو ڏينهن ڪري ملهائي رهيا آهن.

انساني حقن جي عالمي ڏينهن کي ڪارو ڏينهن ڪري ملهائڻ جو مقصد عالمي برادري جو ڌيان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي بگڙجندڙ صورتحال ڏانهن ڏيارڻ آهي. ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو سڏ گذريل ڏينهن ڪُل جماعتي حريت ڪانفرنس جي چيئرمين سيد علي گيلاني ڏنو هو.

ان حوالي سان اڄ والاريل ڪشمير ۾ ڀارت طرفان وڏي پيماني تي جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي مذمت جي لاءِ مڪمل هڙتال ڪئي پئي وڃي. سيد علي گيلاني پنهنجي هڪ بيان ۾ عالمي برادري کان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم بند ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو سنجيدگي سان نوٽيس ورتو وڃي.

ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي چيئرمين  جو چوڻ هو ته ڪشميرين جي حق خود اراديت کان مسلسل انڪار انساني حقن جي سڀني کان وڏي ڀڃڪڙي آهي. ڀارت جي هٺ ڌرمي ڪشمير تڪرار جي پرامن حل ۾ سڀني کان وڏي رڪاوٽ آهي. سيد علي گيلاني عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو والاريل ڪشمير ۾ ظلمن ۽ ڀارت کان ان جي ڏوهن جو حساب گهري.  هن چيو ته ڪشمير جي آزادي ۽ حق خود اراديت جي لاءِ جدوجهد  هر صورت ۾ جاري رهندي.

واضح رهي ته والاريل ڪشمير ۾  قابض ڀارت طرفان لڳايل ڪرفيو کي 4 مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي ۽ وادي ۾ لاڪ ڊائون سبب ڪشميري عوام سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. 128 ڏينهن کان جاري ڪرفيو ۽ پابندين کان پوءِ والاريل وادي ۾ زندگي جو نظام مفلوج بڻيل آهي. تعلميمي ادارا، دڪانون، ڪاروباري مرڪز بند آهن جڏهن ته روڊن تي گاڏيون اڃان به غائب آهن. ان سڀني شين کان علاوه انٽرنيٽ، موبائل فون ۽ لينڊ لائن سروس به اڃان تائين بند آهي.

جڏهن ته حريت اڳواڻ ۽ مقامي سياسي قيادت سميت 11 هزار ڪشميري گرفتار آهن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب مسلسل 4 مهينن کان وڌيڪ ڪرفيو سبب والاريل ڪشمير جي معيشت کي 15 هزار ڪروڙ روپين جو نقصان ٿي چڪو آهي. اهوئي سبب آهي ته انساني حقن جي عالمي ڏينهن تي سڄي دنيا ۾  رهندڙ ڪشميري اڄ ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهن.