حذيفه ابراهيم ٽيڪساس جونيئر گولڊ اوپن اسڪواش چيمپين شپ کٽي ورتي

news

لاهور: (اڱارو 10 ڊسمبر 2019ع) پاڪستان جي انٽرنيشنل جونيئر اسڪواش  رانديگر حذيفه ابراهيم بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ٽيڪساس جونيئر گولڊ اوپن اسڪواش چيمپين شپ کٽي ورتي آهي. 

آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ ٿيندڙ جونيئر گولڊ اوپن اسڪواش چيمپين شپ جي انڊر 17 ڪيٽگري ۾ حذيفه ابراهيم ٽاپ سيڊ ڀارتي رانديگر کي اپ سيٽ شڪست ڏني.

فائنل ۾ هن ڀارتي ڄائي آمريڪي رانديگر رانا ڪي ٺاڪر کي هڪ جي مقابلي ۾ ٽن گولن تان شڪست ڏني. ان فتح سان گڏ حذيفه 23هون انٽرنيشنل جونيئر اسڪواش ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو.

سوڀ ماڻڻ کان پوءِ حذيفه ابراهيم جو چوڻ هو ته منهنجي ڪاميابين ۾ نويد عالم جو اهم ڪردار آهي جيڪو ڪيترائي سال منهنجي رهنمائي ڪندو رهيو.