فيس بڪ جماعت اسلامي ڪراچي جو آفيشل پيج بند ڪري ڇڏيو

news

ڪراچي: (اڱارو 10 ڊسمبر 2019ع)  دنيا جي سڀني کان وڏي سوشل ميڊيا پليٽ فارم فيس بُڪ جماعت اسلامي ڪراچي جو آفيشل پيج بند ڪري ڇڏيو آهي.

5 لک کان وڌيڪ فالوورز واري مذڪوره فيس بڪ پيج جي حوالي سان جماعت اسلامي ڪراچي جي ترجمان صهيب دعويٰ ڪئي آهي ته  فيس بڪ پيج ڪشميرين جي حمايت تي بند ٿيو آهي.

جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان پنهنجي ٽوئٽر پيغام ۾ چيو آهي ته ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي ڪندڙ هزارين ذاتي اڪائونٽن ۽ پيجز کي بند ڪيو ويو آهي جنهن ۾ جماعت اسلامي ڪراچي جو پيج به شامل آهي.

حافظ نعيم الرحمان  پاڪستان جي حڪومت کان اپيل ڪئي آهي ته فيس بڪ جي ان غيرجانبداري ۽ ڀارت نوازي جو نوٽيس وٺي ۽ فوري طور تي ان اڪائونٽ ۽ پيجز کي بحال ڪيو وڃي. ائين نه ڪرڻ تي فيس بڪ کي پاڪستان ۾ پنهنجو ڪاروبار ڪرڻ کان روڪيو وڃي.

حافظ نعيم الرحمان پنهنجي ٽوئٽر پيغام ۾ وڌيڪ چيو آهي ته فيس بڪ پاڪستاني مارڪيٽ مان اربين ڊالر ڪمائي رهيو آهي. فيس بڪ جي ريجنل آفيس ڀارت جي شهر دهلي ۾ قائم آهي جتان کان انڊين لابي جي حمايت جاري رکندي ان پاڪستانين ۽  ڪشميرين جي اڪائونٽن کي بند ڪيو پيو وڃي جيڪي مظلوم ڪشميرين جي حمايت ڪري رهيا آهن.