مخصوص اسمارٽ فون صارفين ايندڙ سال واٽس ايپ کان محروم ٿي ويندا

news

لاهور: (اڱارو 10 ڊسمبر 2019ع) سڄي دنيا ۾ ڪروڙين صارفين پيغام ۽ ڪالز جي مشهور ترين ايپ واٽس ايپ استمال ڪري رهيا آهن ۽ ان صارفين جي انگ ۾ روزاني اضافو ٿيندو پيو وڃي پر ايندڙ سال ڪيترائي صارفين ان ايپ جي استعمال کان محروم رهجي ويندا.

اهڙا سمورا صارفين جيڪي ونڊوز فون هلائڻ جا شوقين آهن اهي خبردار ٿي وڃن ڇو ته هاڻ 31 ڊسمبر کان پوءِ انهن جي موبائل فون تي اها ايپ ڪم نه ڪري سگهندي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب هن وقت مائيڪروسافٽ اسٽور تي هي ايپ موجود آهي پر 31 ڊسمبر کان پوءِ ان کي اتان کان هٽايو ويندو. ان حوالي سان واٽس ايپ ونڊوز فون صارفين کي هڪ پيغام به موڪليو آهي جنهن ۾ هن آگاهي ڏني آهي ته اوهان 31 ڊسمبر کان پنهنجي موبائل فون تي واٽس ايپ کي استعمال نٿا ڪري سگهو.

جنهن کان پوءِ ايندڙ  ڪجهه مهينن دوران واٽس ايپ ڪجهه اينڊرائڊ ۽ آءِ فونز جي ماڊلز تي به ڪم ڪرڻ بند ڪري ڇڏيندو. اهڙا اينڊرائڊ فون صارفين جيڪي اينڊرائڊ جو 2.3.7 ورزن يا ان کان اڳ وارو ورزن استعمال ڪري رهيا آهن ان جي موبائل فون تي هاڻ ايندڙ سال پهرين فيبروري کان وٽس ايپ موجود نه هوندو. اهڙي طرح ايپل جي ڳالهه ڪئي وڃي ته آءِ فون جا اهڙا صارفين جيڪي آپريٽنگ سسٽم 8 يا ان کان پراڻو ورزن استعمال ڪري رهيا آهن انهن کي به پهرين فيبروري کان واٽس ايپ جي سروس نه ملي سگهندي.

واٽس ايپ پاران پنهنجي صارفين  کي مشورو ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن هو پنهنجي واٽس ايپ جي چيٽ يعني ڳالهه ٻولهه کي وڃائڻ نٿا چاهين ته هو 31 ڊسمبر کان اڳ پنهنجي واٽس ايپ اڪائونٽ جي چيٽ هسٽري کي  ايڪسپورٽ ڪري وٺن.