مسلمانن خلاف تڪراري بل تي آمريڪي ڪميشن ڀارتي اڳواڻن تي پابنديون هڻڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

news

واشنگٽن: (اڱارو 10 ڊسمبر 2019ع) آمريڪا جي عالمي مذهبي آزادي بابت ڪميشن ترميمي بل ۾ مسلمانن کي شهريت کان محروم ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڀارتي  اڳواڻن تي پابنديون هڻڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آمريڪي عالمي مذهبي آزادي بابت ڪميشن ڀارت ۾ شهريت جو ترميمي بل اڪثري راءِ سان منظور ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي بل پيش ڪندڙ گهرو وزير اميت شاهه سميت ٻين اڳواڻن تي پابنديون هڻڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. عالمي مذهبي آزادي بابت ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بل ۾ مسلمانن سان امتيازي سلوڪ رکيو پيو وڃي ۽ هي بل مذهبي منافقت تي ٻڌل آهي جنهن تي گهرو وزير اميت شاهه سميت ٻين اڳواڻن تي پابنديون لڳايون وڃن.

ٻئي طرف ڀارتي گهرو وزير طرفان آمريڪي ڪميشن جي بيان  جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته هي بل شهريت بابت آهي ۽ اسان جو اندروني معاملو آهي ڀارت ۾ هندوئن کان علاوه پهريان ئي ڪيترائي مذهبي اقليتي موجود آهن ۽ انهن کي سمورا حق به حاصل آهن.

واضح رهي ته ڀارتي لوڪ سبها ۾ شهريت ترميمي بل 311 ميمبرن جي حمايت سان منظور ڪيو ويو جڏهن ته مخالفت ۾ صرف 80 ميمبرن ووٽ ڏنو. بل ۾ بنگلاديش، افغانستان ۽ پاڪستان جي 6 مذهبي اڪائين هندو، ٻڌ، جين، پارسي، عيسائي ۽ سکن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي شهريت ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.