ميرپور خاص لڳ اغوا ڪيل نوجوان قتل، وارثن ۾ سوڳ، اغوا ڪندڙ گرفتار

news

ميرپورخاص: 15 ڏينهن پهرين تعلقي ٿاڻي جي حد مان عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل نوجوان مهتاب حسين نونداڻي کي اغوا ڪندڙ پاران قتل ڪري لاش کي سنڌو دريا ۾ ڦٽو ڪيو ويو، پوليس ۽ وارثن پاران تصديق.

25 نومبر 2015ع تي تعلقي ٿاڻي جي حد ڀڳت ڳوٺ مان عورتاڻي آواز هرکجي نوجوان زميندار مهتاب نونداڻي کي ٻه ڪارن ۾ سوار نامعلوم ماڻهن پاران اغوا ڪيو ويو جنهن بعد اغوا ڪندڙن پاران وارثن کان نوجوان جي بازيابي لاءِ ٻه ڪروڙ روپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو هو جڏهن ته مغوي جي ڀاءُ زاهد حسين نونداڻي جي فرياد تي تعلقي ٿاڻي تي پڻ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

جڏهن ته اغوا ٿيندڙ نوجوان کي اغوا ڪندڙن پاران ڪراچي نيئندي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش کي سنڌو دريا ۾ اڇلايو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ميرپورخاص پاران جاري ڪيل پريس ريليز ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پوليس پاران واقعي جي جاچ لاءِ ڊي ايس پي منظور کوسو، انچارج سي آئي اي غلام حسين سڌايو انسپيڪٽر اسلم جاگيراڻي سميت ٻين عملدارن تي مشتمل ٽيم جوڙي هئي ٽيم پاران اغوا ۾ ملوث عورت عظميٰ پٺاڻ، شهزاد علي کي ڪراچي مان اغوا ٿيل ڪار سميت گرفتار ڪيو ويو آهي.

جڏهن ته اتان جي رهواسي مختيار خاصخيلي جنهن ذاتي دشمني تحت نوجوان کي اغوا ڪرايو هو جنهن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته اغوا ڪندڙ بين الصوبائي گروه آهي جڏهن ته اغوا ڪندڙن اهو اعتراف ڪيو آهي ته نوجوان کي اغوا بعد ڪراچي نيئندي بيهوشي جي انجيڪشن هنئي جنهن ڪري هو فوت ٿي ويو ۽ سندس لاش کي سنڌو دريا ۾ اڇلايو ويو آهي.

جڏهن ته پوليس موجب هڪ نامعلوم لاش حيدرآباد ايئر پورٽ ٿاڻي جي حد مان مليو آهي شڪ آهي ته اهو لاش مهتاب نونداڻي جو آهي هوڏانهن مقتول جي ڀاءٌ زاهد حسين نونداڻي چيو ته واقعي بابت بروقت پوليس کي اطلاع ڪئي ۽ ڪيس داخل ڪرايو پر پوليس پاران ڪا به بروقت ڪارروائي نه ڪئي ويئي اسان کي مختلف ڪوڙا دلاسا ڏيئي رلايو ويو ۽ اغوا ڪندڙن ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. جيڪو پوليس نااهلي سبب ٿيو آهي.

هوڏانهن نوجوان جي قتل ٿيڻ جي تصديق بعد علائقي ۾ سوڳ ڇانيل آهي ۽ نوجوان جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي.