موبائل فون کي کپائڻ لاءِ دڪاندار پاران نرالي پيشڪش

news

ممبئي: ڀارت جي شهر تامل ناڊو ۾ موبائل فون جي دڪاندار هڪ نرالي پيشڪش ڏني آهي.

ياد رهي ته ڀارت ۾ مينهن جي ڪري بصر جا فصل تمام گهڻو متاثر ٿيا جن جي ڪري بصرن جي قيمت ڏينهون ڏينهن آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي آهي. ڀارت جي مختلف شهرن ۾ بصر جي قيمت 70 کان 100 روپيا ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن.

انهي صورتحال کي ڏسندي تامل ناڊو ۾ هڪ موبائل فون جي دڪان جي مالڪ پنهنجا موبائل فون وڌيڪ وڪامجڻ ۽ پنهنجي دڪان جي مارڪيٽنگ ڪرڻ جو هڪ نئون انداز اپنايو آهي. دڪاندار سندس جي دڪان تان موبائل فون خريد ڪندڙ کي موبائل سان گڏ هڪ ڪلو بصر مفت ۾ ڏئي ٿو.

ڀارتي ميڊيا موجب دڪان جي مالڪ جو چوڻ آهي ته ڀارت ۾ بصر جي وڌندڙ قيمت کي نظر ۾ رکندي مون سوچيو ته موبائل فون خريد ڪندڙ کي هڪ ڪلو بصر مفت ۾ ڏنا ويندا جيئن منهنجو دڪان مقبول ٿي ۽ ماڻهو وڌ کان وڌ مون وٽ اچڻ ۽ موبائل فون خريد ڪن.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته انهي اسڪيم کي هڪ هفتو اڳ متعارف ڪرايو هو ۽ توهان کي حيرت جي ڳالهه ٻڌايان ته اڳ جي ڀيٽ ۾ هن وقت منهنجي دڪان تي تمام گهڻي رش رهي ٿي ۽ موبائل فون پهرين کان وڌيڪ وڪامجن ٿا. دڪان جي مالڪ ميڊيا کي ٻڌايو ته پهرين منهنجي دڪان کان 3 کان 4 موبائل فون وڪامجندا هئا پر انهي بصرن واري اسڪيم کان پوءِ هاڻي ڏينهن ۾ 10 کان 11 موبائل فون وڪامجڻ لڳا آهن.

هن موبائيل خريدار جو چوڻ هو ته هن دڪان تان اسان بصر به پنهنجي مرضي جا کڻي سگهون ٿا. ياد رهي ته ڀارت ۾ بصر جي وڌندڙ قيمت عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.

تازو ئي ڀارت جي شهر تامل ناڊو ۾ شادي جي موقعي تي هڪ جوڙي کي بصرن جو ٺهيل تحفي طور ڏنو ويو. ٻئي پاسي بصر جي قيمت وڌڻ ڪري بصرن جي چوري ۽ ڦرلٽ جا واقعا به سامهون آيا آهن.