نئون ديرو ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ ريلي ڪڍي وئي

news

نئون ديرو: ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ نئون ديرو جي گورنمينٽ بوائز هاير سيڪنڊري اسڪول جي سوين شاگردن ۽ استادن پرنسپال عبداللطيف قاضي، سينيئر استاد بسنت لال، اختيار ڪٽپر، عبدالستار پهوڙ، عمران پهوڙ، نظام الدين، عبدالقيوم ماهوٽو، فياض سيال ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ هاءِ اسڪول کان ريلي ڪڍي ”ڪشمير بني گا پاڪستان“ جا زوردار نعرا هڻندي پريس ڪلب تائين مارچ ڪيو.

جتي هنن جو چوڻ هو ته بيگناهه ڪشميرين مٿان ڀارت مسلسل ظلم ڪري رهيو آهي ۽ عالمي قوتون ان تي خاموشي اختيار ڪري ويٺل آهن. پاڪستاني فوج ۽ عوام ڪشميرين سان گڏ آهي ۽ هميشه رهندو.

هنن چيو ته ڪشميرين کي حق خود اراديت ڏنو وڃي ته جيئن هو به پنهنجي مرضيءَ مطابق زندگي گذاري سگهن. هنن مطالبو ڪيو ته ڪشمير ۾ لڳايل ڪرفيو ختم ڪري ڀارتي جارحيت کي بند ڪيو وڃي.