سجاول: تعلقي جاتي ۾ ستن ٻارن جي ماءُ مبينا طور قتل، وارثن جو احتجاج، ڪيس داخل نه ٿيو

news

سجاول: تعلقي جاتي ۾ ستن ٻارن جي ماءُ مبينا طور قتل، وارثن پاران ايس ايس پي آفيس اڳيان لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو، ٻہ ڪلاڪ روڊ بند مڙس جي خلاف ايف آء آر داخل ڪرڻ جي خاطري بعد احتجاج ختم ڪيو ويو۔

ضلعي سجاول جي تعلقي جاتي جي ڳوٺ سڪندر هنڱورجو ۾ ستن ٻارن ماء مسمات فرزانا بوبڪ کي پراسرار نموني گولي لڳل لاش هٿ آيو.مقتولا عورت جي مڙس پوليس اهلڪار نور احمد ٻڌايو تہ پٽ جا سنت طھر ڪرائڻ کان انڪار تي زال فرزانا خودڪشي ڪئي آهي.

جڏهن تہ فرزانا  جي ڀاءُ حنيف بوبڪ ۽ سئوٽ جاني بوبڪ جو چوڻ آهي تہ اسان جي ڀيڻ کي قتل ڪيو ويو آهي، هن جي مڙس نورمحمد جي خلاف ڪس داخل ڪيو وڃي ۽ اسان کي اسان جي ڀيڻ جي ڌيء واپس ڏياري وڃي، ان سلسلي ۾ مقتولا فرزانا جي وارثن پاران ايس ايس پي سجاول آفيس اڳيان لاش رکي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو، ٻہ ڪلاڪن تائين روڊ بند ٿيڻ سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان سوين گاڏين جون قطارون جمع ٿي ويون.

جنهن بعد وارثن وٽ ڊي ايس پي سجاول عباس گل پهچي هنن کي انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي ۽ ڌرڻو ختم ڪرڻ جو چيو پر مقتولا جي وارثن ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن بعد هنن اڌ ڪلاڪ جي اندر مقتولا فرزانا جي مڙس تي ڪيس داخل ڪرڻ جي مهلت تي ڌرڻو ختم ڪيو ۽  ڪيس داخل نہ ٿيڻ تي وارثن هڪ دفعو ٻيهر  سجاول برانچ وٽ سجاول ۽ ٺٽو روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو جتي اڳوڻي ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاھ شيرازي جي مداخلت ۽ ڪيس داخل ڪرائڻ جي خاطري بعد وارثن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو۔

آخري اطلاعن مطابق جاتي پوليس اسٽيشن تي واقعي جو ڪيس داخل نہ ٿي سگهيو هو۔