پي آءِ اي ۾ سگريٽ واهپي تي پهرين دفعو ڏنڊ لڳايو ويو

news

راولپنڊي: قومي ايئر لائين پي آءِ اي پاران جهاز جي سفر دوران سگريٽ ڇڪڻ تي پهريون ڀيرو ڏنڊ  وجهڻ جي شروعات ڪري ڇڏي.

تفصيل موجب پي آءِ اي پنهنجي فضائي تاريخ ۾ پهريون دفعو سگريٽ ڇڪڻ تي ڏنڊ وجهڻ جو شروعات ڪندي رضا احسن نالي کي سگريٽ ڇڪڻ تي 10 هزارن جو ڏنڊ وڌو ويو آهي. مسافر برهنگهم کان اسلام آباد  اچڻ واري اڏام پي ڪي 292 جي واش روم ۾ سگريٽ پي رهيو هو.

جهاز ۾ سگريٽ پيئڻ سان دونهون پکڙجي ويو جنهن تي عملي کيس سگريٽ ڇڪڻ کان روڪيو ۽ ان تي ڏهه هزار رپين جو ڏنڊ هڻي ڇڏيو.

ترجمان پي آءِ اي موجب مسافر کي اسلام آباد ايئرپورٽ تي ڏنڊ ادا ڪرڻ تي پاسپورٽ واپس ڪيو ويو.