اظهار جي آزادي جمهوري ۽ بنيادي حق آهي: بلاول ڀٽو

news

اسلام آباد: پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو وفاقي گادي واري هنڌ ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته موجوده حڪومت ڳالهائڻ تي به پابندي هڻي ڇڏي آهي. اظهار جي آزادي جمهوري ۽ بنيادي حق آهي.

هن چيو ته اسان ايندڙ نسل جي مستقبل کي بهتر ڪرڻ چاهيون ٿا. هتي شاگردن پنهنجي حقن لاءِ ڳالهه ڪئي پر پارليامينٽ ۾ ڪير به حقن تي ڳالهه ٻڌڻ جي لاءِ تيار ئي نه آهي. حڪومت صرف اسيمبلي جي ميمبرن کي چور ۽ ڌاڙيل چوي ٿي.

بلاول ڀٽو چيو ته بدقسمتيءَ سان اسان 2018ع ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون نه ڪرائي سگهياسين. پيپلز پارٽي ته هميشه جمهوري ۽ انساني حقن جي لاءِ آواز اٿاريو آهي. اسان جي آئين ۾ اظهارِ راءِ جي آزادي آهي پر ان کي يقيني بڻائي ناهيون سگهيا آهيون.

هن وڌيڪ چيو ته رياست پاڪستان جي ذميواري آهي ته اها شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائي، ماڻهن کي محنت جو ڦل ڏيڻ ۽ سندن معاشي تحفظ ڏيڻ ممڪن بڻائي.

اسان جي ملڪ جي هر اليڪشن ۾ عوام جي ووٽن تي ڌاڙو لڳايو ويندو آهي.  جڏهن عوامي نمائنده چونڊجي ايندا آهن تڏهن ئي عوامي مسئلا حل ٿيندا آهن.