آمريڪي مزاحيه اداڪار پاران ٻن ڪروڙن جو ڪيلو کائڻ واري معاملي تي معافي وٺڻ کان انڪار

news

واشنگٽن: آمريڪي رياست فلوريڊا شهر ميامي نديءَ جي هڪ آرٽ ميوزم ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيل آمريڪي مزاحيه آرٽسٽ ڊيوڊ ڊائوٽا ڀت سان چنبريل ڪيلو لاهي کائي ڇڏيو هو.

ڊيوڊ ڊائوٽا جنهن ڪيلي کي ڀت تان لاهي کائي ڇڏيو هو جي باري ۾ آرٽ انتظاميا کي اميد هئي ته هو هڪ لک 20 هزار کان ڏيڍ لک آمريڪي ڊالر يعنيٰ پاڪستاني 2 ڪروڙ 30 لک رپين ۾ وڪامجندو.

ان ميوزم ۾ اهڙي طريقي سان ساڳي نوعيت جا ڪيلا اڳ ۾ ئي وڪامجي چُڪا آهن ۽ هي آرٽ ميوزم ۾ آخري ڪيلو بچيو هو، جنهن کي وڪامجڻ کان اڳ ئي آمريڪي مزاحيه آرٽسٽ ڊيوڊ ڊائوٽا ڀت تي لڳل ڏسي اتان پٽيو ۽ کائي ڇڏيو هو. ڊيوڊ ڊائوٽا جي ڀت تان ڪيلي لاهي کائي وڃڻ واري وڊيو پنهنجي انسٽاگرام تي پڻ شيئر ڪئي هئي ۽ ڪيلي کي کائڻ کانپوءِ پاڻ کي هن ”بکيو آرٽسٽ“ قرار ڏنو هو.

ڊيوڊ ڊائوٽا تقريبن 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جي ڪيلي کائڻ بعد لذيد قرار ڏنو هو. مزاحيه اداڪار طرفان ايڏي وڏي مهانگي ڪيلي کي کائڻ کانپوءِ اهو سمجهيو ٿو وڃي ته کيس گرفتار ڪيو ويندو يا وري هو پنهنجي ان ڪيل عمل تي پشيمان ٿي معافي وٺندو پر انهيءَ پاران معافيءَ گهرڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي.

ڊيوڊ ڊائوٽا پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جنهن نموني اٽلي نزاد آمريڪي آرٽسٽ موريزيو ڪيٽلين ڪيلي کي ٽيپ سان ڀت تي ٽنگي پنهنجي آرٽ جو مظاهرو ڪيو، اهڙي نموني هن ڪيلي کي کائي پنهنجي آرٽ جو مظاهرو ڪيو آهي.