ڪوئٽه ۾ گيس ليڪ ٿيڻ سبب گهر اندر ڌماڪو پنج ڄڻا سڙي زخمي

news

ڪوئٽه: (اربع 11 ڊسمبر 2019ع) ڪوئٽه جي علائقي پشتون آباد ۾  گيج ليڪ ٿيڻ سبب گهر اندر ڌماڪي ۾ عورت ۽ ٻارن سميت 5 ڄڻا سڙي زخمي ٿي ويا.

ريسڪيو ذريعن موجب ڏوراهين علائقي پشتون آباد خوشحال خان روڊ جي ويجهو عورت صبح جو ناشتو ٺاهڻ جي لاءِ جيئن ئي ماچس جي تيلي ٻاري ته هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 3 عورتن ۽ ٻارن سميت 5 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا.

زخمين کي فوري طور تي بي ايم سي اسپتال جي برن وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو جتي  کين طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

گهر جي سربراهه موجب رات جو هيٽر ٻاري ستا هئاسين خبر ناهي ڪهڙي ٽائيم گيس اوچتو هلي وئي ۽ ڪمري ۾ گيس  ڀرجي ويو جنهن سبب ڌماڪو ٿيو. پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.