برطانيه ۾ اليڪشن: ڪنزرويٽو ۽ ليبر پارٽي وچ ۾ چوٽي جو مقابلو، ووٽنگ سڀاڻي ٿيندي

news

لنڊن: (اربع 11 ڊسمبر 2019ع) برطانيه ۾ بريگزٽ جي نالي تي وقت کان اڳ اليڪشن ۾ ڪنزرويٽو جو ليبر پارٽي سان چوٽي جو مقابلو آهي.

ڪنزرويٽو ويهه ۽ ليبر پارٽي 19 پاڪستانين کي ميدان ۾ لاٿو آهي. پارليامان جي 650 سيٽن لاءِ  3 هزار 322 اميدوار ميدان ۾ آهن.

بريگزٽ جي نالي تي برطانيه ۾ وقت کان اڳ اليڪشن جي لاءِ ووٽنگ سڀاڻي ٿيندي. پارليامان  جي 650 سيٽن تي چونڊ لاءِ 55 مسلمان اميدوار به شامل آهن. ڪنزرويٽو 20 ۽ ليبر پارٽي 19 پاڪستانين کي ٽڪيٽ ڏني آهي. ڪنزرويٽو پارٽي جي اڳواڻ بورس جانسن، ليبر پارٽي جي اڳواڻ جيرمي ڪوربن، اسڪاٽس نيشنل پارٽي جي نڪولا سٽرجن، لبرل ڊيموڪريٽس جي جوسوونسن، گرين پارٽي آف انگلينڊ اينڊ ولز جي شون بيري ۽ بريگزٽ پارٽي جي نائيجل فراز پنهنجي سوڀ جي لاءِ پراميد آهن. 

ميڊيا رپورٽن موجب سڀاڻي ٿيندڙ چونڊن جي شروعات  برطانوي وقت موجب صبح جو 7 وڳي ٿيندي جيڪا رات جو 10 وڳي تائين جاري رهندي.