ڪراچي: لاڙڪاڻي ۾ ڪتي جي ڏاڙهڻ سبب زخمي ٿيل حسنين فوت ٿي ويو

news

ڪراچي: (اربع 11 ڊسمبر 2019ع)  لاڙڪاڻي ۾ ڪتي جي ڏاڙهڻ سبب زخمي ٿيل حسنين فوت ٿي ويو. 6 سالن جي حسنين کي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو.

ٻارڙي جي ميت والدين لاڙڪاڻي کڻي ويا. اين آءِ سي ايڇ ۾ حسنين جون مختلف سرجريز ڪيون ويون هيون. نينگر جي علاج لاءِ صحت کاتي جو 10 رڪني ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو هو.

ميڊيڪل بورڊ ٻارڙي جو وقفي وقفي سان معائنو ڪري رهيو هو.