آصف زرداري جي طبي بنيادن تي ضمانت منظور، رهائي جو حڪم

news

اسلام آباد: (اربع 11 ڊسمبر 2019ع) اسلام آباد  هاءِ ڪورٽ طبي بنيادن تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي صدر آصف علي زرداري جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

عدالت آصف زرداري جي ضمانت هڪ ڪروڙ روپين جي مچلڪن عيوض منظور ڪندي کيس ضمانتي مچلڪا داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ياد رهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ جوڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل ۾ قيد هو جنهن جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس 23 آڪٽوبر تي پمز منتقل ڪيو ويو جتي هو هينئر تائين علاج هيٺ آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي طبي بنيادن تي ضمانت جي لاءِ درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي هئي.

ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آصف علي زرداري جي لاءِ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس(پمز) اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ(ايم ايس) کي نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏنو هو.