گهوٽڪي ۾ گم ٿيل نينگرجوٻئي ڏينهن لاش هٿ: جوابدار گرفتار

news

گهوٽڪي: (اربع 11 ڊسمبر 2019ع) گهوٽڪي ۾ هڪ ڏينهن اڳ گُم ٿيل معصوم نينگر جو لاش هٿ آيو آهي. پوليس موجب جوابدار نينگر سان گڏ مدرسي ۾ پڙهندڙ جوابدار حبيب الله لغاري قتل جي ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي.

اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ ميهر خان لغاري وٽ ڪمند جي فصل مان معصوم نينگر جو لاش هٿ آيو آهي. هڪ ڏينهن اڳ گُم ٿيل7 ورهين جو نينگر اياز علي ولد طيب لغاري کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد فصل ۾ لاش اُڇليو ويو. اطلاع تي وارث ۽ پوليس پهچي وئي، جڏهن ته اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم بعد نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس ڪارروائي ڪري هڪ نوجوان حبيب الله لغاري کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب جوابدار طرفان نينگر کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو ويو آهي. معصوم نينگر جو والد ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو هو. جوابدار حبيب الله لغاري مقتول نينگر سان گڏ مدرسي ۾ پڙهندو هو.