فيصل جاويد قومي ٽيم کي سريلنڪا جي مهمان نوازي بجاءِ ميچ کٽڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

news

راولپنڊي: (اربع 11 ڊسمبر 2019ع) پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد قومي ڪرڪيت ٽيم کي سريلنڪا جي خلاف ٽيسٽ سيريز جي لاءِ مشورو ڏنو آهي ته مهمان ٽيم جي مهمان نوازي ايتري به نه ڪرڻ گهرجي جو هو ميچ کٽي وڃن.

راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته خوشي آهي ته پاڪستان ۾ 10 سالن کان پوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ واپس آئي آهي ۽ اصل ڪرڪيٽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ئي آهي. ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي بحالي سان گڌ باقي ٽيمون به پاڪستان اينديون. هن چيو ته سريلنڪا جي ٽيم ۽ حڪومت جا ٿورائتا آهيون ته هو پاڪستان آيا، سريلنڪا جي ٽيم اسان جي مهمان آهي پر مهمان نوازي ايتري ناهي ڪرڻي، قومي ڪرڪيت ٽيم کي ميچ کٽڻو آهي.

ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي بحالي تي خوشي جو اظهار ڪندي هن چيو ته هي نئون پاڪستان آهي. پاڪستان ۾ سياح انٽرنيشنل ڪرڪيٽر، انويسٽرز سڀ اچي رهيا آهن ڇو ته هاڻ پاڪستان ۾ امن واپس آيو آهي. جنهن کان پوءِ هن ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي بحالي تي وزيراعظم عمران خان ۽ چيئرمين پي سي بي احسان ماني کي داد ڏيندي سندن ٿورا مڃيا.

سينيٽر فيصل جاويد چيو ته پي ايس ايل پاڪستان ۾ شروع ٿي رهيا آهن جنهن سان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جا دروازا پاڪستان ۾ کلي ويا آهن. ياد رهي ته تازو ئي قومي ٽيم جي آسٽريليا جي خلاف بدترين ڪارڪردگي تي اڳوڻن رانديگرن ۽ وزيراعظم جي خاص معاون نعيم الحق سميت سينيٽر فيصل جاويد به ڪاوڙجي پيو هو.