گوجرانوالا ۾ پهرين ماس ريسلنگ چيمپين شپ ۾ چئني صوبن جي رانديگرن جي شرڪت

news

گوجرانوالا: (اربع 11 ڊسمبر 2019ع) گوجرانوالا ۾ پهريون ڀيرو ماس ريسلنگ چيمپين شپ شروع ڪئي وئي آهي جنهن ۾ چئني صوبن مان شرڪت ڪندڙ مرد ۽ عورت ريسلرز انديگرن ٽنگن ۽ ٻانهن جي زور سان مخالفن کان لٺ ڦرڻ لاءِ زور آزمايو.

گوجرانوالا ۾ ٿيندڙ نيشنل ماس ريسلنگ جي مقابلن جي شروعات چئني صوبن سميت مختلف ريجن کان آيل ٽيمن مارچ پاسٽ ڪندي ڪيو. ان سان گڏ ئي ڪرغستان مان آيل ننڍي ڇوڪري رقص ڪري چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. مرد رانديگرن هڪ ٻئي  سان زور آزمائي ڪندي پنهنجي مهارت ۽  جسماني صلاحيتن جا جوهر ڏيکاريا ۽ لٺ ڦرڻ جي لاءِ ڪافي مختلف حربا استعمال ڪيا.

مقابلن ۾ عورت رانديگرن به ڀرپور حصو ورتو. هڪ ٻئي سان زور آزمايو. گوجرانوالا ڊويزن جي ٽيم 9 گولڊ ميڊلن سان گڏ ماس ريسلنگ جو  مقابلو کٽي ورتو جڏهن ته پنجاب 2 ميڊل سان گڏ ٻئي ۽ بهاولپور جي ٽيم هڪ ميڊل سان گڏ ٽئين پوزيشن تي آهي.

ماس ريسلنگ ۾ شرڪت ڪندڙ رانديگرن جو چوڻ هو ته حڪومت ٻين راندگين جيان هن راند تي به ڌيان ڏئي ته رانديگر انٽرنيشنل مقابلن ۾ حصو وٺي پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا.