لاهور ۾ دل جي اسپتال تي وڪيلن جو حملو، جهيڙو ٽارڻ لاءِ پهتل فياض الحسن چوهاڻ مٿان سخت تشدد

news

لاهور: (اربع 11 ڊسمبر 2019ع)  لاهور ۾ دل جي اسپتال جنگ جو ميدان بڻجي وئي. وڪيلن پي آءِ سي تي حملو ڪري ڏنو اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه، گاڏين جا شيشا ڀڃي ڇڏيا.

صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ کي به سخت تشدد جو نشانو بنايو ويو. رينجرز پهچڻ کان پوءِ صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو ويو.  رپورٽ موجب لاهور ۾ ڊاڪٽرن ۽ وڪيلن جي وچ ۾ جهيڙي جو معاملو وڌيڪ گرم ٿي ويو. وڪيلن پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي جي مُک دروازي کي ڀڃي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ٿي ويا. وڪيلن ايمرجنسي وارڊ ۾ گوڙ ڪيو ۽ گاڏين جا شيشا ڀڃندي نعريبازي به ڪئي. وڪيلن اسپتال تي پٿراءُ ڪيو جنهن سبب 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

واقعي تي پوليس خاموش رهڻ کان پوءِ حرڪت ۾ آئي مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ۽ لٺبازي ڪئي وئي وڪيلن جي ڀڃ ڊاهه سبب ڊاڪٽرن ڪم ڇڏي ڏنو. علاج نه ٿيڻ سبب هڪ عورت به فوت ٿي وئي. جڏهن ته ڪيترن ئي مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پنجاب جي وڏي وزير پي آءِ سي ۾ وڪيلن جي ڀڃ ڊاهه جو نوٽيس وٺندي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عثمان بوزدار چيو ته مريضن جي علاج ۾ رڪاوٽ وجهڻ قانوني ڏوهه آهي. ذميوارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. پنجاب جي گورنر به پي آءِ سي واقعي جي  ذميوارن خلاف  ڪارروائي جو اعلان ڪيو. هن چيو ته ڪوبه ماڻهو قانون کان مٿانهون ناهي.

جڏهن ته پنجاب بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين اسماعيل شاهه نواز به وڪيلن جي اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه جو نوٽيس ورتو هن چيو ته وڪيلن کي قانون هٿ ۾ نه کڻڻ گهرجي جيڪو به وڪيل ان ۾ ملوث هوندو ان جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.