برطانوي شخص ٽيٽو سان پوري جسم کي ڪارو ڪري ڇڏيو

news

لنڊن: (اربع 11 ڊسمبر 2019ع)   اسان کي خبر آهي ته جسم کي کرچڻ ۽ ٽيٽو ٺهرائڻ کان پوءِ عورتون ۽ مرد ٻين کان جدا نظر اچڻ لاءِ هر طريقو استعمال ڪندا  آهن. هاڻ هڪ برطانوي شخص پنهنجي چهري سميت پوري جسم کي ڪارو ڪري ڇڏيو آهي.

27 ساله ايلي انڪ جو تعلق برطانوي شهر برائٽن سان آهي ۽ هو ٽيٽو جو هلندڙ ڦرندڙ نمونو نظر اچي رهيو آهي. گذريل 10 سالن کان هو پاڻ کي تبديل ڪري رهيو آهي. هن پوري جسم کي ڪارو ڪرڻ کان پوءِ اکيون به ڪاري ڇڏيون آهن. ايلي ننڍپڻ ۾ اسپين ويو هو جتي هڪ قبيلي ٽيٽو سان پاڻ کي تيار ڪيو هو. ان کان پوءِ گذريل 10 سالن کان هو پاڻ کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

ايلي موجب هو مصوري جو جنوني آهي ۽ ننڍپڻ کان پڪاسو جو مداح رهيو آهي. ايلي پنهنجي چهري سميت پوري جسم تي ڪارا ٽيٽو ٺهرائي منهن جي اندر جو حصو ۽ اکين جي اڇاڻ کي به ڪارو ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جي لاءِ هن خاص انجيڪشن لڳرايا آهن.

ياد رهي ته ايلي جي ان ڪم ۾ معمولي غلطي به سڄي زندگي جو پڇتاوو بڻجي سگهي ٿي پر سمورو ڪم خيريت سان ٿي ويو ۽ هاڻ هو دنيا جو واحد شخص آهي جيڪو ڪارن ٽيٽوئن سان مڪمل ڪارو ٿي چڪو آهي.