اوڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ قادر بخش بالادي ۾ پورهيت جي کي باهه، الهه تلهه سڙي رک

news

اڏيرولال اسٽيشن: اوڏيرولال اسٽيشن  ڀرسان ڳوٺ قادر بخش بالادي ۾  پورهيت ڀٽو بالادي جي گهر کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳي وئي، جنهن سبب پورهيت جو گهر سڙي رک ٿي ويو.

جنهن جي نتيجي ۾ گهر اندر پيل سامان هنڌ رليون، بسترا، ٿانون ۽ کٽن سميت سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. متاثرن جو چوڻ آهي ته هو رڳو جانيون بچائي ٻاهر نڪري سگهيون، باقي الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو آهي. سياري جي موسم ۾ اسان کُليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهيون واهر ڪئي وڃي.