لاڙڪاڻي ۾ معمولي ڳالهه تان ڀاڻيجي هٿان مامو قتل، جوابدار فرار

news

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد بازيگر پل ڀرسان ڀاڻيجي جوابدار آصف منگي پنهنجي سڳي مامي اڪبر منگي کي معمولي ڳالهه تان گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو.

اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس پهچي مقتول جو لاش چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو جتي وارثن عورت نثار خاتون صحافين کي ٻڌايو ته جوابدار آصف منگي پنهنجي امڙ ممتاز خاتون کي روزانو بلاجواز مارڪٽ ڪندو هو جنهن تي سندس مامو اڪبر منع ڪندو هو جيڪا ڳالهه هن کي پسند نه هئي ڇا ڪاڻ جو هو موالي هو ۽ ان ئي ڳالهه تان آصف بازيگر پل وٽ چنگچي رڪشه هلائڻ دوران اڪبر منگي کي گوليون هڻي قتل ڪري اسان ظلم ڪيو آهي.

ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ چوڻ آهي ته واقعو معمولي ڳالهه تان پيش آيو آهي جوابدار جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپن جو سلسلو جاري آهي.

آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.