لاهور ۾ وڪيلن جو دل جي اسپتال تي حملو، طبي امداد نه ملڻ سبب ڇهه مريض فوت

news

لاهور: لاهور جي دل واري اسپتال پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيولاجي تي وڪيلن حملو ڪري ڏنو ۽ آپريشن ٿيٽر ۾ گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪئي، جنهن سبب طبي امداد نه ملڻ جي ڪري 6 مريض فوت ٿي ويا.

لاهور ۾ وڪيلن ۽ ڊاڪٽرن وچ ۾ تڪرار شدت اختيار ڪري ويو، مڇريل وڪيلن جي هڪ وڏي تعداد پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيولاجي جي آءِ سي يو ۽ آپريشن ٿيٽر ۾ داخل ٿي وئي ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي، جڏهن ته ان دوران اسپتال جو عملو ۽ ڊاڪٽرن وڏي مشڪل سان جان بچائي ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

ان کانسواءِ وڪيلن پي آءِ سي ۾ بيٺل گاڏين کي به نقصان پهچايو، جڏهن ته اسپتال جي ٻاهران بيٺل پوليس اهلڪارن به وڪيلن کي ڀڃ ڊاهه کان نه روڪيو.

جڏهن ته اسپتال ۾ وڪيلن جي ڀڃ ڊاهه کانپوءِ پي آءِ سي ملازمن ۽ وڪيلن ۾ جهيڙو به ڏسڻ آيو ۽ وڪيلن پوليس گاڏي کي باهه لڳائي ڇڏي، جڏهن ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ تي سي سي پي او ذوالفقار حميد پوليس جي وڏي نفري ساڻ کڻي اسپتال پهتو، جتي پوليس طرفان مڇريل وڪلين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي لاءِ لٺبازي ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو.

اسپتال ذريعن موجب وڪيلن جي حملي سبب طبي امداد نه ملڻ جي ڪري علاج هيٺ 6 مريض فوت ٿي ويا. فوت ٿيندڙن ۾ هڪ عورت جي سڃاڻپ گلشن بي بي جي نالي سان ٿي، جيڪا اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ آئي هئي.