پي آءِ سي واقعو سازش قرار، سخت ڪارروائي جو فيصلو: صوبائي وزيرن جي پريس ڪانفرنس

news

لاهور: پنجاب جي سڌ سماءَ واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ دعويٰ ڪئي آهي ته وڪيلن جي طرفان دل جي اسپتال تي حملو هڪ سازش تحت ڪيو ويو. ان ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو عنصر شامل هو.

هن چيو ته هن وقت هڪ وڪيل جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي چڪي آهي، جنهن جي باري ۾ خبر پئي آهي ته ان جو مريم نواز ۽ حمزه شهباز سان تعلق آهي، جڏهن ته آهستي آهستي وڌيڪ انڪشاف سامهون اچي رهيا آهن، جن کي جلد ئي سامهون آندو ويندو.

فياض الحسن چوهاڻ دعويٰ ڪئي آهي ته مون تي تشدد ڪندرن ۾ (ن) ليگ جو هڪ ميمبر به شامل آهي. مون تي ويجهڙائي کان فائرنگ به ڪئي وئي پر الله تعاليٰ ان صورتحال مان مون کي بچائي ورتو.

هن چيو ته ميڊيا جي ماڻهن مون کي تشدد جو نشانو بڻائيندڙن جي چنبي مان ڇڏايو. هن دعويٰ ڪئي ته وڪيل پوليس وارن کي جان کان مارڻ چاهين پيا.

هن چيو ته اسان بغير ڪو فائر ڪرڻ جي وڪيلن کي پي آءِ سي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. پنجاب جي وڏي وزير جي هدايت هئي ته ڪٿي ماڊل ٽائون سانحي وارو واقعو نه ٿئي.

ان موقعي تي ميديا سان ڳالهائيندي پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت جو چوڻ هو ته حڪومت جي طرفان فياض الحسن چوهاڻ ۽ ڊاڪٽر ياسمين راشد سڄي معاملي کي ڏسي رهيا هئا. جيڪڏهن معاملي کي هينڊل نه ڪريون ها ته شايد وڌيڪ نقصان ٿئي ها. وڪيلن کي پنهنجي غلطي جو احساس ڪرڻ کپي. هن ان موقعي تي ڊاڪٽرن کي به اپيل ڪئي ته ان سڄي معاملي ۾ مريضن جو ڪو ڏوهه ناهي، اسپتالن جي ايمرجنسي کي کليل رهڻ گهرجي.

پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو ته جوابدارن جي سي سي ٽي وي فوٽيج جي ذريعي سڃاڻپ ڪئي ويندي. جن جي سڃاڻپ ٿيندي، انهن کي سخت سزا ڏيارينداسين. هن جو چوڻ هو ته وڪيلن سوچيو به نه ته اهي ڇا ڪري رهيا آهن، منهنجو اسپتال وڃڻ جو مقصد ڊاڪٽرز ڪميونٽي سان گڏ ٿي بيهڻ هو. انهن سان وڏي زيادتي ٿي آهي، وڪيل انتشار ڦهلائي رهيا آهن.