وزيرِ اعظم جي اسپتال تي حملي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ڪارروائي جي هدايت

news

اسلام آباد: ذريعن موجب وزيرِ اعظم عمران خان اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وزيرِ اعليٰ پنجاب کي فوري طور تي گهرائي ورتو ۽ پي آءِ سي جي دوري جي هدايت ڪئي.

وزيرِ اعظم پي آءِ سي واقعي جو نوٽيس وٺندي اعليٰ سطحي اجلاس هنگامي اجلاس گهرائي ورتو جنهن وفاقي ڪابينه جي اهم ميمبرن کي پڻ گهرايو ويو، هنگامي اجلاس ۾ وزيرِ داخلا به گهرايو ويو.

ذريعن موجب وزيرِ اعظم عمران خان لاهور واقعي جي زخمين جي فوري مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي، واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ڪري انهن خلاف فوري طور تي ڪارروائيءَ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ذريعن موجب وزيرِ اعظم عمران خان اهو به چوڻ هو ته قانون هٿ ۾ کڻڻ نه ڏيندا سين.