مھراڻ يونيورسٽي ۾ ملازمن جي تنظيم ميوا جي اليڪشن ۾ شاهه عبداللطيف پينل ڪامياب

news

ڄامشورو: (رپورٽ: حيات ميراڻي) مھراڻ يونيورسٽي ۾ ملازمن جي تنظيم ميوا جي اليڪشن ۾ شاهه عبداللطيف پينل 461 ووٽن جي وڏي اڪثريت سان ڪامياب، جيئي شاھہ نوراني پينل 251 ووٽ کنيا.

مهراڻ يونيورسٽي اسٽاف ويلفيئر ايسوسئيشن (ميوا) جي نيئن باڊي جي لاءِ اليڪشن چيئرمين محمد علي گهانگهرو جي سربراهي ۾ چونڊ ڪرائي وئي جنهن ۾ شاهه عبدالطيف پينل 461 ووٽن جي وڏي اڪثريت سان ڪامياب، جيئي شاھہ نوراني پينل 251 ووٽ کڻي سگهيو.

اليڪشن ۾ ٽوٽل ووٽن جو تعداد 770 هو جنهن مان 721 ميمبرن وٽ جو حق استعمال ڪيو جڏهن ته 09 ووٽ خارج ڪيا ويا.

ان موقعي تي ڪامياب ٿيل پينل جي صدر علي محمد شورو خطاب ڪندي چيو ته مُرڪ ڪالوني ۾ رهجي ويل ميمبرن جي ميمبرشپ ڪرائي ويندي ۽ ڊولپمينٽ ڪرائي ملازمن کي گهر ٺهرائي ڏيڻ جو وچن ڪيون ٿا,ميڊيڪل ڪارڊ ۽ ري ايمبيسمينٽ ٻئي سهولتون گڏ هلرايون وينديون ۽ ميڊيڪل ايمرجنسي  اڪائونٽ به کولرايو ويندو, يوٽلٽي الائونس 1000 روپيا وٺرائي ڏنو ويندو, پٽيوالن، مالهين، بيلدارن، سينيٽري ورڪرن، ليب اٽينڊنٽن ۽ ٻئي ننڍي اسٽاف جي اپگريڊيشن وارو مدو 20 سالن کان گهٽرائي کين فائدو ڏياريو ويندو.

ٽيڪنيڪل اسٽاف جيڪو 15 گريڊ ۾ رٽائر ٿيندو آهي ان کي رٽائرمينٽ جي ٽائيم تي 16هون گريڊ ڏياري رٽائر ڪرايو ويندو جيڪو ٻين يونيورسٽين ۾ ملندڙ آهي, ٽيڪنيڪل اپگريڊيشن 05 سالن مان گهٽرائي 03 سالن تائين ڪرائي ويندي ۽ ٽيڪنيڪل الائونس به وٺرائي ڏنو ويندو.

هالا جي ملازمن کي مليل ڪوسٽر ۾ هالا جي ملازمن کي تڪليف آهي ان جي جڳهه تي کين بس وٺرائي ڏني ويندي ۽ ڪٽوتي بند ڪرائي ويندي,ليو انڪيشمينٽ جو مدو 05 سال کان گهٽ ڪرايو ويندو, ملازمن جا ريمونيشن وڌرايا ويندا,ڪمپيوٽر الائونس 1500 ڪرايو ويندو,هيڊ مالهي وڌرايا ويندا هيڊ جمعدار وڌرايا ويندا رٽائر ملازمن جي ٻارن کي نوڪريون وٺرائي ڏنيون وينديون, پبلڪ اسڪول مان شڪايتون ختم ڪرايون وينديون ۽ اوهان جي اولاد جي تعليم تي خاص ڌيان ڏياريو ويندو ملازمن جي لاءِ تنظيم طرفان هڪ معاشي بحالي پلان جوڙيو ويندو جنهن جي مدد سان اسين سندن جائز ضرورتون پوريون ڪنداسين ۽ ڪوشش ڪري قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ملازمن کي راهه راست تي آڻينداسين ان لاءِ باقاعده نظام جوڙيو ويندو.

پڙهيل لکيل پٽيوالن، مالهين، ليب اٽينڊنٽن، سينيٽري ورڪرن ۽ هيلپرن مان ڪلرڪ ڪرايا ويندا, آئي ٽي اسسٽنٽن جي واضح پاليسي جوڙائي سندن راءِ سان کين پروموشن ڏياريا ويندا, ليب اسسٽنٽ ۽ ليب ٽيڪنيشن جي پاليسي جوڙائي کين به سندن جائز حق ڏياريا ويندا, ڪواٽرن جي لاءِ به اوهان جي راءِ سان پاليسي جوڙائي ويندي, سڪندرآباد، بستي وغيره جي ملازمن جي ٻارن لاءِ اسڪول بس هلرائي ويندي, موري منگر ۽ راهوڪي جي ملازمن لاءِ اسٽاف پوائنٽ جو روٽ وڌرايو ويندو مهراڻ يونيورسٽي ۾ ملازمن جا ڪيترائي مسئلا حل ناهن ٿيا جن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪرايو ويندو.