عمران خان جو ڀاڻيجو بيرسٽر حسان نيازي به پي آءِ سي جي ٻاهر بيٺل رهيو

news

لاهور:(خميس 12 ڊسمبر 2019ع)  لاهور ۾ پي آءِ سي جي ٻاهران وڪيلن جي پرتشدد احتجاج جي دوران وزيراعظم عمران خان جو ڀاڻيجو بيرسٽر حسان خان نيازي به ساٿي وڪيلن سان موجود رهيو.

حسان خان نيازي حفيظ الله نيازي جو پٽ آهي. هن ان موقعي تي دوستن سان گڏ تصويرون به ڪڍرايون. مظاهري کا پوءِ پنهنجي هڪ  ٽوئٽ ۾ حسان خان نيازي چيو ته تشدد  جي وڊيو ڏسي مون کي پاڻ شرم اچي رهي آهي.

منهنجي حمايت صرف لاڳاپيل ڊاڪٽرن جي خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪرڻ تائين هئي. مان پرامن مظاهري لاءِ هنن سان گڏ هئس.

هي هڪ خراب ڏينهن هو ۽ مان اهڙن مظاهرن جي حمايت تي  پنهنجي طرفان مذمت ڪريان ٿو، وڪيلن کي به حدن ۾ رهڻ جي ضرورت آهي.