نوازشريف علاج لاءِ ڇنڇر تي لنڊن کان آمريڪا روانو ٿيندو

news

لاهور: (خميس 12 ڊسمبر 2019ع) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف آمريڪا جي پراڻي ميساچوسٽس جنرل  اسپتال ۾ علاج جي لاءِ رابطو ڪري ورتو آهي.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي وارثن نوازشريف جي دل ۽ دماغ کي رت فراهم ڪندڙ نسن کي کولائڻ لاءِ آمريڪا جي پراڻي ميساچوسٽس جنرل اسپتال  ۾ علاج لاءِ رابطو ڪري ورتو ۽ اشارو ڏنو آهي ته نوازشريف ڇنڇر تي لنڊن کان آمريڪا علاج جي حوالي سان روانو ٿي ويندو. جتي هو مذڪوره اسپتال ۾ پنهنجي نسن کي کولائڻ لاءِ معائنو ڪرائيندو.

نوازشريف جي ڪنڌ جون نسون 90 سيڪڙو بلاڪ آهن. جڏهن ته دل کي رت فراهم ڪندڙ نسن ۾ پهريان ئي 5 سٽنٽ وڌا ويا آهن ان مان 3 سٽنٽ بند پيل آهن. ٻئي طرف ڪرسمس جي موڪلن سبب اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي دماغ  کي رت  پهچائيندڙ ۽ دل جي نسن جي حُالي سان اپ لاءِ ڊاڪٽر به وقت تي نه ملي سگهيو.

لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مسلم  ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف ٻڌايو ته نوازشريف جو اڄ ٻيهر معائنو ڪيو ويندو. ڊاڪٽرن کان وقت ورتو پيو وڃي پر ڪرسمس جون  موڪلون اچي رهيون آهن ان لاءِ موڪلن کان پوءِ ئي ڊاڪٽر کان وقت ملي سگهندو ۽ موڪلن کان پوءِ ئي ڪجهه ٽيسٽ ٿيندا.