ٽنڊوڄام لڳ ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان پورهيت فوت، گهر ۾ ڪهرام متل

news

ٽنڊوڄام: ٽنڊوڄام جي علائقي مير ڪالوني ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان پورهيت فوت. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام.

خبر موجب ٽنڊوڄام جي علائقي سڪندرآباد جو رهواسي 25 سالا نوجوان پورهيت محمد سرور مغل ٽنڊوڄام جي علائقي مير ڪالوني ۾ گهر جي تعمير دوران شيٽرنگ جو ڪم ڪري رهيو هو، ته مٿان گذرندڙ يارنهن هزار وولٽ بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳي پيو.

جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ٽنڊوڄام مان طبي امداد بعد سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. فوتي نوجوان جو لاش پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام متل هو. فوتي نوجوان ٻن معصوم ٻارن جو پيءُ هو، جيڪو شيٽرنگ جو ڪم ڪندو هو.