سنڌ حڪومت سڀني سرڪاري ملازمن کي ميڊيا تي اچڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي

news

ڪراچي: سنڌ حڪومت پوليس آفيسرن سميت سڀني سرڪاري ملازمن تي پابنديءَ جو باقائدي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، سرڪاري ملازمن کي ميڊيا تي اچڻ بابت يارنهن ادارن کي حڪومت سنڌ پاران خط لکيو ويو آهي.

خط آءِ جي سنڌ، سنڌ جي سڀني ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي اماڻيا ويا آهن، سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽفڪيشن موجب ڪو ئي به سرڪاري آفيسر ٽي وي شو يا ميڊيا ٽاڪ نه ڪندو.

نوٽيفڪيشن موجب ڪجهه سرڪاري آفيسر ۽ سول سرونٽ با اختيار اٿارٽيءَ جي اجازت جي بغير ٽي وي ٽاڪ شو يا پروگرامن ۾ حصو وٺندا رهيا آهن.

نوٽيفڪيشن ۾ سڀني آفيسرن ۽ سول ملازمن کي اعليٰ اختيارين جي بنا ڪنهن اجازت جي ڪنهن به ٽي وي پروگرام ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي سخت هدايت ڏني ويئي آهي.