نئون ديرو ۾ شاهه لطيف لوڪل گورنمينٽ ايمپلائيز فيڊريشن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي ريلي

news

نئون ديرو: لوڪل گورنمينٽ ملازمن جون پگهارون ۽ پينشن ٽريزري معرفت آن لائين نه ڪرڻ، 2012ع جي ملازمن خلاف ٿيندڙ سازشن ۽ گهوٽڪي مان 320 ملازمن کي بغير جواز جي نوڪرين مان نيڪالي ڏيڻ خلاف شاهه لطيف لوڪل گورنمينٽ ايمپلائيز فيڊريشن پاڪستان جي سڏ تي نئون ديرو ميونسپل جي ملازمن حافظ مشتاق ڪوريجو، نثار ڀٽو، ثناءُ الله ڪوريجو، شڪيل ميراڻي، احد جمال، ظهير ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ميونسپل کان پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جي مختلف رستن کان نعريبازي ڪندي پريس ڪلب پهچي ڌرڻو هنيو.

جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي شاھ لطيف لوڪل گورنمينٽ ايمپلائيز يونين فيڊريشن  سنڌ جي صدر حافظ مشتاق ڪوريجو چيو ته وفاق توڙي سنڌ حڪومت جا سمورا کاتا مهيني جي پهرين تاريخ تائين ٽريزري مان آن لائين پگهارون کڻن ٿا واحد لوڪل گورنمينٽ ادارو آهي جنهن جا ملازم پگهارن ۽ پينشن حاصل ڪرڻ لاءِ رولڙي جو شڪار بڻيل آهن.

سنڌ حڪومت پگهارون آن لائين ڪرڻ جو واعدو به ڪيو پر هن وقت تائين ان تي عمل ناهي ٿي سگهيو. هنن چيو ته مڪاني کاتي جا ملازم روزانو شهرن مان گند ڪچرو کڻي شهرن کي صاف سٿرو رکن ٿا، پر وڏيون ناانصافيون به انهن سان ئي ڪيون پيون وڃن.

2012ع ۾ ڀرتي ڪيل ملازمن کي نوڪريون ڪندي 7 سال ٿي چڪا آهن ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو ملازمن جي حق ۾ حڪم نامون آهي ته 4 سالن کان وڌيڪ عرصو ڊيوٽي ڪندڙ ملازم کي ڪو به آفيسر بوگس يا فيڪ نٿو چئي سگهي ۽ نه ئي ان کي نوڪريءَ مان فارغ ڪري سگهجي ٿو.

جوائننگ ڏيڻ وقت سموريون ٽرمس ۽ ڪنڊيشن چيڪ ڪيون وڃن بعد ۾ انهن کي غلط قرار نٿو ڏئي سگهجي. گهوٽڪيءَ جي سي ايم او نادر شاهه امروٽي پاران 320 ملازمن کي بغير جواز جي نوڪرين مان فارغ ڪڍي ڇڏيو آهي، جيڪو عمل ملازم ۽ انسانيت دشمن عمل آھي.

سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي سڌيءَ ريت خلاف ورزي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته گهوٽڪيءَ مان بلاجواز نوڪرين مان برطرف ڪيل 320 ملازمن کي بحال ڪري، 2012ع جي ملازمن خلاف ٿيندڙ سازشون بند ڪيون وڃن ۽ لوڪل گورنمينٽ ملازمن کي پگهارون ۽ پينشن ٽريزري معرفت آن لائين ڏيڻ لاءِ قانون پاس ڪيو وڃي.