يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي صوبائي وزير نثار احمد کهڙو پاران سنڌ يونيورسٽي جو دورو

news

ڄامشورو: (رپورٽ: حيات ميراڻي) يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي صوبائي وزير نثار احمد کهڙو پاران سنڌ يونيورسٽي جو دورو، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت ۽ سندس و چ ۾ اهم ملاقات، يونيورسٽي سان پنهنجي مڪمل تعاون جي خاطري۔

تفصيل موجب سنڌ حڪومت جي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي صوبائي وزير ۽ سنڌ جي جنرل يونيورسٽيز جي پرو چانسلر نثار احمد کهڙو سنڌ يونيورسٽي جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سندس ۽ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت وچ ۾ اهم ملاقات پڻ ٿي.

ملاقات دوران سنڌ يونيورسٽي ۽ ان جي ڪئمپسز سان لاڳاپيل تعليمي، تحقيقي ۽ ترقياتي اڳڀرائين سميت گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

ان موقعي تي صوبائي وزير پاران وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت پاران يونيورسٽي جي تعليمي ۽ تحقيقي معيار جي بهتري جي سلسلي ۾ ورتل ڪوششن جي تعريف ڪئي وئي ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو ويو.

ملاقات دوران سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر لاڙڪاڻو ڪئمپس جي نئين بلڊنگ جي سلسلي ۾ صوبائي وزير پاران ڪيل ڀرپور تعاون جي مهرباني مڃي ۽ تمام جلد ان بلڊنگ جي افتتاحي تقريب منعقد ڪري ان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي خصوصي مهمان طور دعوت ڏئي ان کان بلڊنگ جو افتتاح ڪرائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.

ملاقات دوران 21 ڊسمبر تي رٿيل سنڌ يونيورسٽي جي تعليمي ڪانووڪيشن 18-2017ع جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ وائيس چانسلر صوبائي وزير کي ٻڌايو ته هن پاران چارج سنڀالڻ جي ٽن سالن جي عرصي دوران ٻه شاندار ڪانووڪيشن منعقد ٿي چڪا آهن ۽ هلندڙ سال هي ٽيون ڪانووڪيشن منعقد ٿي رهيو آهي.

ان موقعي تي وائيس چانسلر ڪانووڪيشن کانپوءِ جلد ئي سينيٽ جي ميٽنگ منعقد ڪرڻ جي بابت پڻ صوبائي وزير کي آگاهي ڏني. وائيس چانسلر صوبائي وزير کي سينڊيڪيٽ جي معمول تحت ٿيندڙ اجلاسن، آن لائين اسٽوڊنٽس اٽينڊنس سسٽم،آن لائين ايڊميشن سسٽم، اڪيڊمڪ ڪئلينڊر مطابق باقاعدگي سان ڪلاسز هلڻ، مقرر وقت تي ڪورس ڪمپليٽ ڪرڻ ۽ انتهائي پرامن ۽ پرسڪون ماحول ۾ وقت تي سيمسٽر امتحان ٿيڻ، يونيورسٽي سان لاڳاپيل ڪاليجن جي امتحانن جي انتظامن ۾ آندل سڌارن، خصوصي طور تي ڪاپي جي روڪٿام لاءِ ورتل سخت اپائن بابت پڻ ڄاڻ ڏني، جنهن تي هن سرهائي جو اظهار ڪندي وائيس چانسلر جي ڪوششن کي واکاڻيو ۽ چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۽ سندس سمورن ڪئمپسز جي تعليمي، تحقيقي واڌاري ۽ مالي تعاون جي سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جي صوبائي وزير جي حيثيت ۾ هن جو ساڻن مڪمل ساٿ رهندو.

ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽي لاڙڪاڻو ڪئمپس جو فوڪل پرسن پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه پڻ موجود هو، جنهن صوبائي وزير نثار احمد کهڙو کي لاڙڪاڻو ڪئمپس جي تعليمي ۽ تحيقيقي بهتري ۽ ترقي لاءِ ورتل ڪوششن بابت آگاهي ڏني. ان موقعي تي هن خصوصي طور تي نئين بلڊنگ جي فراهمي جي سلسلي ۾ صوبائي وزير ۽ ضلعي انتظاميه لاڙڪاڻو جي تعاون جي تمام گهڻي مهرباني مڃي. ملاقات دوران ڊاڪٽر شاهه وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي سهڪار ۽ همت افزائي جو خصوصي ذڪر ڪندي چيو ته وائيس چانسلر جي همت افزائي ۽ اعتماد هميشه کين اتساهه ڏنو آهي.