افغانستان جي اڳوڻي ڪپتان ڄاڻي واڻي خراب راند کيڏندڙ رانديگرن کي بي نقاب ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

news

ڪابل: (جمعو  13 ڊسمبر 2019ع) افغانستان جي اڳوڻي ڪپتان گلبدين نائب بورڊ ۽ ٽيم ۾ موجود مافيا کي بي نقاب ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.

گلبدين نائب ٽوئيٽ ڪيو آهي ته مون سان واعدو ڪيو ويو هو ته افغانستان ڪرڪيٽ ۾ بدنظمي پيدا ڪندڙن جي خلاف ايڪشن ورتو ويندو.

پر اهڙو ڪجهه به نه ٿيو جيڪڏهن فوري طور تي انهن جي خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته مان حڪومت ۾ ويٺل آفيشل بورد ميمبرن ۽ ان رانديگرن جو نالو ظاهر ڪندس جيڪي ان مافيا جو حصو آهن.

هن اهو به چيو ته هو ان رانديگرن کي بي نقاب ڪندو جيڪي ان جي قيادت ۾ ڄاڻي واڻي ورلڊ ڪپ ۾ خراب راند کيڏيا.