اداڪاره نور انگلينڊ ۾ پنجين شادي ڪري ورتي، مارچ ۾ پاڪستان اچڻ جو امڪان

news

لاهور: (جمعو  13 ڊسمبر 2019ع) پاڪستاني فلمن جي مشهور اداڪاره نور جي هڪ ٻئي شادي جو انڪشاف ٿيو آهي. هو  هن وقت انگلينڊ ۾ ترسيل آهي ۽ ان جي مارچ ۾ پاڪستان اچڻ جو امڪان آهي.

ميڊيا رپورٽ موجب مشهور فلمي اداڪاره نور ڪجهه مهينا اڳ ڳجهي شادي ڪئي آهي جنهن کان پوءِ هو انگلينڊ ۾ ئي ترسيل آهي.

ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته اداڪاره نور مارچ تائين اتي ئي ترسندي. جنهن کان پوءِ هن جي پاڪستان اچڻ جو امڪان آهي. فلمي اداڪاره نور جو ان کان اڳ 4 شاديون ناڪام ٿي چڪيون آهن.

نور جي لاهور ۾ موجود ويجهن ذريعن ان خبر جي باقاعده تصديق ته ناهي ڪئي، پر انهن جو چوڻ آهي ته اداڪاره پنهنجي زندگي جا فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد آهي هو دوستن کي پنهنجي فيصلن جي باري ۾ ناهي ٻڌائيندي.