پنهنجي آواز سبب آڊيشن مان ڪيترائي ڀيرا رد ٿيندڙ اداڪاره سجل علي

news

دبئي: (جمعو  13 ڊسمبر 2019ع) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪاره سجل علي کي اداڪاري کان اڳ آڊيشن جي دوران ڪيترائي ڀيرا رد ڪيو ويو هو.

اداڪاره سجل علي جو شمار پاڪستان جي شوبز انڊسٽري جي پهرين نمبر جي اداڪارائن ۾ ٿيندو آهي جنهن جي بهترين اداڪاري ۽ خوبصورتي جا ڀارتي به ديوانا ٿي ويا آهن.

رپورٽ موجب سجل علي هلندڙ سال جي سڀني کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ اداڪاره آهي. سجل هن وقت ٻن ڊرامن(الف) ۽ (يه دل ميرا) ۾ مُک ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ ٻنهي ئي ڊرامن ۾ ان جي اداڪاري کي مداحن طرفان ڀرپور موٽ ڏني پئي وڃي.

صرف ٽي وي تي نه پر سوشل ميڊيا تي به سجل علي ڪافي مشهور آهي ۽ انسٽاگرام تي ان جي فالوورز جو انگ 4.4 ملين آهي پر سجل علي کي شهرت ائين ئي ناهي ملي پر هن ان شعبي ۾ پنهنجي سڃاڻپ بنائڻ جي لاءِ سخت محنت ڪئي آهي.

اداڪاري کان اڳ سجل علي پنهنجي گهر وارن جي مالي مدد لاءِ هڪ مال ۾ برانڊ جي مشهوري جو ڪم ڪندي هئي ۽ ان دوران هو شوبز ۾ اچڻ جون به ڪوششون ڪري رهي هئي.سجل علي جا مداح شايد ان باري ۾ آگاهه نه هجن ته ان جي تيز ۽ رڙين واري آواز سبب هن کي ڪيترائي ڀيرا آڊيشن ۾ رد ڪيو ويو هو. پر اڄ سجل علي جو شمار پاڪستان جي مشهور اداڪارائن ۾ ٿيندو آهي. جڏهن ته هو بالي وود ۾سري ديوي سان گڏ فلم(مام) ۾ ڊيبيو به ڪري چڪي آهي.

سجل علي اداڪاري کان علاوه بهترين ڊانسر به آهي. ان جا پسنديده اداڪا شاهه رخ خان، شان شاهد، عمران عباس، فواد خان ۽ ثانيه سعيد آهن جڏهن ته کيس کاڌي ۾ پيزا تمام گهڻو پسند آهي.