وڪيلن جي منصوبا بندي حڪومت جي علم ۾ هئي:سراج الحق جي دعويٰ

news

صوابي: اميرِ جماعت اسلامي پاڪستان سينيٽر سراج الحق دعويٰ ڪئي آهي ته لاهور ۾ وڪلين پاران ڪيل منصوبه بنديءَ بابت حڪومت خبروار هئي.

هن چيو ته حڪومت لاهور واقعي بعد روئڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي اميرِ جماعت اسلامي ۽ سنيٽر سراج الحق چيو آهي ته اسلامي جمعيتِ طُلبا جي ڪارڪنن جي مٿان ايف آئي آر ڪٽرائڻ لاءِ وڏي محنت ڪرڻي پئي هوندي.

سنينٽر سراج الحق چيو ته هي واقعو ملڪ جي بدنامي ٿي آهي.

واقعي ۾ ملوث ملزمن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ڏسڻو اهو آهي ته حڪومت ڪيتروجلدي قاتلن کي گرفتار ڪري ٿي.