وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب روانو

news

اسلام آباد:(ڇنڇر 14 ڊسمبر 2019ع)  وزيراعظم عمران خان اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي جتي هن جون خادم الحرمين الشرفين شاهه سلمان ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقاتون ٿينديون.

گهرو وزارت جي ترجمان صحافين کي ٻڌايو ته دوري ۾ به طرفي معاملن۽ خطي ۾ هلندڙ اڳڀرائي تي ڳالهيون ٿينديون.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب وزيراعظم عمران خان جو سعودي عرب جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پوين دورن جو تسلسل آهي. ترجمان چيو ته سعودي عرب جو دورو پاڪستان ۽ سعودي اڳواڻن جي وچ ۾ رابطن جي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.

وزيراعظم عمران خان آڪٽوبر 2019 ۾ به سعودي عرب جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو هو. ان جي سعودي عرب پهچڻ تي گورنر رياض ايئرپورت تي سندس استقبال ڪيو هو

. ان دوري ۾ به ان جي سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقاتون ٿيون هيون.