ملڪ جي ٻن وڏن ايئرپورٽس تي مالي ڪرپشن ٿيڻ کان پوءِ ڪارروايون تيز ڪيون ويون

news

لاهور: (ڇنڇر 14 ڊسمبر 2019ع) ايوي ايشن ڊويزن طرفان ملڪ جي ٻن وڏين ايئرپورٽس تي مالي ڪرپشن  ثابت ٿيڻ کان پوءِ ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن.

ڪرپٽ ۽ بدعنوان آفيسر هاڻ کاتي جو حصو نه هوندا. نئين مقرر ٿيندڙ سيڪريٽري ايوي ايشن حسن ناصر جامي آفيسرن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن آفيسرن جي خلاف وڏيون انڪوائريون مڪمل ڪري ايوي ايشن ڊويزن کي فوري طور تي موڪل جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.  حڪمن جي روشني ۾ جوائنٽ سيڪريٽري ايوي ايشن عمران شامي هڪ دفعو ٻيهر لاهور ايئرپورٽ تي جاچ جي لاءِ پهچي ويو آهي. اعتبار جوڳن ذريعن کان خبر پئي آهي ته علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪارگو سيڪشن تي ٿيندڙ مالي ڪرپشن جي مبينه طور تي ملوث جوابدارن کان بند ڪمري ۾ پڇاڳاڇا ڪئي وئي.

ڪروڙين روپين جي مالي ڪرپشن ۾ ملوث هجڻ تي معطل آفيسرن، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فياض احمد، سپروائيزر ايڇ آر فرحان احمد، سپروائيزر عطا محمد، اٽينڊنٽ رانا بختيار کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. لاهور ايئرپورٽ جي مين بلڊنگ جي پنجين منزل تي جوابدارن جا بيان قلمبند به ڪيا ويا آهن. سي سي ٽي وي ڪيمره فوٽيج کي به جاچ جو باقاعده طور تي حصو بنايو ويو آهي.

سيڪريٽري ايوي ايشن جي هدايت تي ٻئي ڪارروائي ۾  ايڊيشنل ڊائريڪٽر  ايڇ آر مسعودالرحمان پراجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر توسيعي منصوبه باچا خان ايئرپورٽ پشاور کي به اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ، مالي خردبرد ثابت ٿيڻ ۽ سرڪاري ناڻي کي ڪروڙين روپين جو نقصان پهچائڻ سميت انڪوائري دوران حقيقتن کي لڪائي رکڻ جا الزام ثابت ٿيڻ تي سول ايوي ايشن قانون رولز 2014ع جي تحت ميجر پلنٽي ۾ 3 سال جي لاءِ سزا جي طور تي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جي سيٽ گريڊ 19 کان ون سٽيپ ڊائون جي سزا جي طور تي جوائنٽ ڊائريڪٽر بنايو ويو.  سندس 3 سال جون ترقيون به روڪيون ويون.

ڊائريڪٽر هيومن ريسورس ملڪ مظهر حسين باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. سول ايوي ايشن اختيارين جو چوڻ آهي ته ايوي ايشن سيڪريٽري ڪنهن به صورت ۾ مالي ڪرپشن يا محڪمانه بدعنوانيون برداشت نه ڪندو. لاهور ايئرپورٽ تي جوائنٽ سيڪريٽري کي ٻيهر جاچ جي لاءِ موڪلڻ به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.