فلمي اداڪار ياسر ۽ اقرا هلندڙ مهيني شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندا

news

لاهور: (ڇنڇر 14 ڊسمبر 2019ع) اداڪار ياسر حسين ۽ اداڪاره اقرا عزيز هلندڙ مهيني شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندا. شادي جون تقريبون 25 ڊسمبر کان 28 ڊسمبر تائين ڪراچي ۾ ٿينديون.

ذريعن موجب ياسر ۽ اقرا ڊسمبر جي آخر ۾ شادي ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا ۽ ان حوالي سان ٻنهي خاندانن تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

ياسر حسين ۽ اقرا عزيز طرفان اڃان شادي جي تاريخ جو باقاعده اعلان ناهي ڪيو ويو. پر ٻنهي جي شادي جون تقريبون 25 کان 28 ڊسمبر جي دوران ڪراچي ۾ ٿينديون. فنڪار جوڙي جي ويجهن ذريعن به ان جي هلندڙ مهيني شادي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.