پاڪستان ۾ ڏهن سالن کان پوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي واپسي خوشي جهڙو قدم آهي: سرفراز احمد

news

ڪراچي: (ڇنڇر 14 ڊسمبر 2019ع) اڳوڻي ٽيسٽ ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته پاڪستان ۾ 10 سالن کان پوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي واپسي خوشي جهڙو قدم آهي. شوقينن کي سالن کان ان جو انتظار هو.

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پهريون ٽيسٽ برسات سبب سخت متاثر ٿيو. قدرت جي معاملن ۾ ڪوبه مداخلت نٿو ڪري سگهي.

اميد آهي ته ڪراچي ٽيسٽ فيصلو ڏيندڙ ثابت ٿيندو. پاڪستان هي ٽيسٽ کٽي پنهنجي عالمي رينڪنگ بهتر بنائي سگهي ٿو. موقعو مليو ته ميچ ڏسڻ جي لاءِ نيشنل اسٽيڊيم به ويندس.

سرفراز چيو ته ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ سان پنهنجي اهميت ۽ ان سان نئون ٽيلٽ به ملندو آهي. ان سان گڏ اسڪول ڪرڪيٽ به ضروري آهي.

هن چيو ته پيسر نسيم شاهه ۾ ٽيلنٽ موجود آهي پر هن کي ٿورو گروم ڪرڻ جي ضرورت آهي.