بنگلاديش جي رانديگرن خراب ڪارڪردگي جو الزام ميڊيا مٿان هڻي ڇڏيو

news

ڍاڪا: (ڇنڇر 14 ڊسمبر 2019ع) بنگلاديش جي رانديگرن خراب ڪارڪردگي جو الزام ميڊيا مٿان هڻي ڇڏيو آهي.

بي پي ايل ۾ شرڪت ڪندڙ امرالقيس چيو آهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ اسان جي ڪامياب نه ٿيڻ جو سبب ميڊيا جو دٻاءُ آهي. ان کان اڳ مومن الحق به الزام لڳايو هو ته ڀارت  سان پهرين ٽيسٽ ۾ شرمناڪ شڪست کان پوءِ ميڊيا رانديگرن جا حوصلا وڌيڪ ختم ڪري ڇڏيا هئا.

ان حوالي سان فاسٽ بالر مشرفي بن مرتضيٰ رانديگرن کي مشورو ڏنو ته هو پنهنجي ناڪامي جو ذميوار ميڊيا کي قرار ڏيڻ بجاءِ راند ڏانهن ڌيان ڏين.

صحافي پنهنجي ذميوارين موجب پرفارمنس جي رپورٽ ڪندا آهن. رانديگرن کي پنهنجي باري ۾ رپورٽون پڙهي پاڻ مٿان دٻاءُ نه وٺڻ گهرجي.