سريلنڪا جي رانديگرن پنهنجي پسنديده کاڌي جي فرمائش ڪري ڇڏي

news

راولپنڊي: (ڇنڇر 14 ڊسمبر 2019ع) سريلنڪا جي رانديگرن پنهنجي پسنديده کاڌي دوسا جي فرمائش ڪري ڇڏي آهي.

راولپنڊي ۾ برسات جي ڪري ٽيسٽ ميچ سخت متاثر ٿيو آهي. راند شروع نه ٿيڻ سبب ڊگهي انتظار جي ڪيفيت مان گذرندڙ مهمان رانديگر هوٽل ۾ پنهنجي پسنديده کاڌن ذريعي پنهنجي بوريت کي گهٽ ڪرڻ چاهين ٿا.

ذريعن موجب هنن پنهنجي ملڪ جي مشهور ڊش دوسا جي فرمائش ڪي ڇڏي آهي. رانديگرن پنهنجي آفيشلز کي چيو آهي ته اسان کي ماني ۾ دوسا ڏنو وڃي.

اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ انهن جي لاءِ خاص اهتمام سان گڏ هي ڊش تيار ڪرائي وئي جنهن جو هنن ڀرپور مزو ورتو.