ڀارت جون ڇهه رياستون تڪراري بل جون مخالف، آمريڪي شهرين کي سفر کان روڪڻ جون هدايتون جاري

news

نئين دهلي: (ڇنڇر 14 ڊسمبر 2019ع) تڪراري ڀارتي شهريت بل 2019 تي گڏيل قومن جي انساني حقن  جي ڪميشن ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. جڏهن ته آمريڪا  ڀارت ۾ رهندڙ پنهنجي شهرين جي لاءِ سفر کان روڪڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

ڀارتي صدر جي صحيح کان پوءِ تڪراري شهريت وارو بل قانون جي حيثيت اختيار ڪري ويو آهي جنهن تي پوري ڀارت ۾ بدامني پيدا ٿي وئي آهي. ڀارت ۾ پيدا ٿيندڙ ان صورتحال سبب امريڪا  ڀارت ۾ رهندڙ پنهنجي شهرين کي سفر نه ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. سفر کان روڪڻ وارين  هدايتن ۾ امريڪي شهرين کي ڀارت جي اتر، اولهه رياستن ۾ گهڻي رش وارن هنڌن ڏانهن وڃڻ کان پاسو ڪرڻ جو چيو ويو آهي. ان کان علاوه مظاهرن سبب جاپاني وزيراعظم شنزوابي به پنهنجو ڀارت وارو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

ٻئي طرف  گڏيل قومن ۾ انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر ڀارت جي ان تڪراري قانون تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. جريمي لارنس چوي ٿو ته بل ۾ مسلمان پناهگيرن کي تحفظ ناهي ڏنو ويو. سمورا پناهگير احترام، تحفظ ۽ انساني حقن جا مستحق آهن. ترميمي قانون سان ڀارتي آئين ۾ موجود قانوني مساوات کي نقصان پهچندو. ڀارتي صدر رام ناٿ کووند جي شهرت واري تڪراري بل تي صحيح ڪرڻ کان پوءِ اهو بل قانوني حيثيت اختيار ڪري ويو آهي جنهن جي خلاف لکين ڀارتي  شهري روڊن تي نڪري آيا آهن.

اهڙي صورتحال ۾ آسام جي گادي واري شهر گوهاٽي ۾ پوليس جي فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ 11 زخمي ٿي پيا آهن. دهلي ۾ احتجاج ڪندڙ جامعه مليه جي شاگردن کي پوليس تشدد جو نشانو بنايو. جڏهن ته پنجاب، ڪيراله، اولهه بنگال، مدهيه پرديش ۽ ڇٽيهه ڳڙهه جي وڏن وزيرن به ان قانون جي خلاف احتجاج ڪيو آهي.