ايم ڪيو ايم جي نون صوبن وارو بل سنڌ جو ورهاڱو آهي: سعيد غني

news

ڪراچي: سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير سعيد غني اڄ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته متحده قومي مومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاران قومي اسيمبليءَ ۾ نون صوبن جي حوالي جمع ڪرايل بل کي هو سنڌ جو ورهاڱو پيو سمجهي. ايم ڪيو ايم اسيمبلي ميمبر ڪشور زُهره پاڪستان ۾ 8 صوبن جي ٺاهڻ متعلق قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ بل جمع ڪرايو آهي.

بل موجب پنجاب ۾ ٽي صوبا بڻائڻ جو مطالبو ڪندي هن چيو ته پنجاب بهاول پور ۽ سائوٿ پنجاب ٺهڻ گهرجن، خيبر پختونخواهه جا ٻه صوبا ڪي پي ۽ هزاره ٺهڻ گهرجن.

سنڌ جا ٻه صوبا اتر سنڌ ۽ ڏکڻ سنڌ ٺاهيا وڃن. پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير سعيد غني پيش ٿيل بل کي سنڌ جو ورهاڱو قرار ڏنو آهي.

هن چيو ته قومي اسيمبليءَ ۾ ايم ڪيو ايم نون صوبن لاءِ آئيني بل جمع ڪري هڪ دفعو ٻيهر سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.

سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم هميشه سنڌ ۾ نفرتون ۽ انتشار ڦهلائڻ چاهيو آهي ۽ لسانيات ، نفرت ۽ ورهاست جي سياست ئي ڪئي آهي. سعيد غني مطالبو ڪيو ته نون صوبن بابت حڪمران جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجو موقف واضع ڪري.